سايو بابت
معنيٰ
پاڇو، پاڇولو، عڪس. گوشي نشيني. شفقت ۽ حمايت جو ڍَڪُ.
Shade, shadow, spectre, protection, patronage, shelter, apparition.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَنِي کي جِئائِين، پِرِيَنِ پاڻُ پَسايو، اُنِهيِين کي اُئائِين، لِياڪا پائِڻُ آيا.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ، چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ، لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ، اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو، ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو، ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو سيلو، پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو، ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- مُون کي جَهلَ مَ پايو، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي، ھِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تان سَڀَ لاھِيو، آھي…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جيڏِيُون جَهلَ مَ پايو، آئُون ويندَڙِي پار پِريَن جي، اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرَ ڏيجُ مُون آيِو، مُون کي ڏِينھَن…[ سُر معذوري - وايون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، رُپي جِي رَئِي، اَسِين جاڳِياسُون جَنِ لَئِي، سُتا سي پَئِي، اَکِيُنِ آبُ وَھِي، پَٿَرُ سَڀَ پُسايو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، تَنِ اَکِيُنِ پُنُون نِينھُن، سِڪِيُون ٿي سَلامَ کي، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھُن، سَندو موتِيَنِ مِينھُن، اُنِ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو، ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو، ھِرِکي ويئِيين ھارَ…[ سُر ليلا - وايون ]