فُرقانَ بابت
معنيٰ
لُغوي معنيٰ ۾ حق ۽ باطل ۾ تفاوت ڪندڙ. اصطلاحي ڪلام الله، قرآن شريف.
Anything that makes a separation or distinction between truth and falsity. The Holy Qur'an
بيتن ۽ وائين ۾
- جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ، جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ، فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ پِرِينءَ جو، ڦَرَھِيءَ تان فُرقانَ جي، ڪاٽِئائُون قُرآنُ، اُڏامِي اُتِ وِئو، عَقُلُ عِرفانُ، سَڀوئِي سُبحانُ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]