مِيان بابت
معنيٰ
عزت وارو لقب، جناب، صاحب، سردار، مالڪ ڌڻي، مڙس وغيرہ
Lord, owner, master
بيتن ۽ وائين ۾
- عِشقَ تُساڏي مَين عاجِزُ ڪِيتِي وو مَيڏي مِيان، دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي، ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي، ويڄَ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا، جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ، صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مارِ مَ مُون، مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو، اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ، ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ، ميرا ئِي مارِينِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان، اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان، مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين، مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا، دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي، ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو، وَسِيلو وِلِهِيءَ جو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا، اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري، ڏُکَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو، اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا، ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،…[ سُر معذوري - وايون ]
- وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو، پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي، مُنھُن ڪَرِ…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ، آئُون اَوَھان جِي آھِيان، پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ھِيءَ گهايَلِ ھَڏِ گهورِي، وو مِيان، ڪيچِي مُون نَہ سَڱِيڻا، عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جي، ھِيءَ جهورِيءَ ھَڏِ جهورِي، رَھِي جا…[ سُر معذوري - وايون ]
- دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين، عِشقَ فِراقَ، پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان، اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ، ڏُونگَرُ…[ سُر ديسي - وايون ]
- ٻِيجَلَ کي ٻِيءَ راتِ ۾، سَڏايو سُلطانَ، تَہ اَڳي ڪو نَہ آيو، ڪو ڀيرِ تُنھِنجي ڀانَ، جانِئان جِيءُ جُدا ڪِئو،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ، ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ، صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو، لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي، ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهرانِ، مُنھَن مُقابِل سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ، وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ، اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو لُڊاڻو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو، ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- مِيان مَينڌَرا موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇايُون، تُون گهَڻيُنِ گهوٽُ، مُون وَرُ تُونھِين ھيڪِڙو.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- مِيان مَينڌَرا تو جيھا ھُئا، مُون سين پُرسَنِ پَنجَ ھَزارَ، ھِڪِيُون کاڻِيُون خَزانَنِ جُون، ٻِئا موتِي مَڻِيارَ، قِصو ڪَھَندا وَڃَنِ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- تان تُون ويھُ سَنبَھِي، ساٿِي مِيان، پانڌِي مِيان، ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين، ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو آيو پَھِي پَرِئان ٿِي مِيان، حُڪُمُ…[ سُر راڻو - وايون ]
- آئُون جيھائِي ذاتِ تُون وو پاڻُ سُڃاڻِجِ مِيان سُپِرِين، ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهہ سين، تان ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ، اويُون آرِياڻِيءَ جُون،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- دِلِ لائي دُورِ نَہ جا، آئُون تُنھِنجي دَرسَ ديوانِي موٽُ مِيان، قاضِي پَڙِهئا پُڇِ رَھِيان، ھِتِ ناھِ طَبِيبان دِي جاءِ،…[ سُر پورب - وايون ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نِئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]
- ڪَڇان ڪُونجِيُون موٽِيُون، پُورِيُون پَراھين پَنڌَ، آءُ مِيان دِلِِبَندِ، تو ليءَ نيڻَنِ نارَ اُپَٽِئا.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي، سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين، آکي لَطِيفُ فَقِيرُ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- اي مِيان سَڄَڻَ، تو ري ڪِيئَن رَھندا نيڻَ مُنھِنجا، جَنِ جو آڌارُ تُون، جِئائِين اُلَهي اُڀَري، توڙي تِئائِين پَري، توءِ…[ سُر آسا - وايون ]
- مُون اُڌارِئا مَڇَڙا، اللهَ گهاتُو آڻِ، مِيان مُدارَنِ سين، مُون کي قادِرَ وِجُهہ مَ ڪاڻِ، ھَٺَ مُنھِنجي ھاڻِ، پِئو قَدُرُ…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ، ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ، مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ، ويڙِھ پَسان…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساھُ ڏِيان، سِڙي ساڻيھَ سامُهين، مُنھِنجِي نيجِ مِيان، مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان، مُيائِي جِيئان، جَي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهہ هِنيان، ڪَڍُ بَندِياڻِي بَندَ مان، موڪَلَ ڏي مِيان، وَڃِي ڏيھِہ ڏِيان، کِيرُون کَٿيرِنِ کي.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- سِنجي سِنجي کُوهَ، ويڙهي وِئا وَرَتَ، مِيان مارُوئَڙَنِ جِي، هِينئَڙي مَنجِهہ حَيرَتَ، چُڻِڪَن اَندَرِ چِتَ، سانبِيَڙا ساڏَويُون.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- ڀُوڻَ ڀُڻڪو نَہ سُڻِيان، ٻُري نَہ ٻَڪَرَ دانھَن، مِيان مارُوئَڙَنِ جا، اوڻا ڏِٺَمِ آنھَن، جَنِ ساٺِيڪا ٿي سِنجِئا، سي ڌَڻِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سَڀَ پَرکِئاسُون، سَھکِيءَ ڀانئي سَڀَُڪو، اَهِکيءَ تُونھِين تُون، مِيان مَٿان مُون، ٻُڙو لاهِہ مَ ٻاجَهہ جو.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ، عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ، ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- پَکَي پيھِي آئِيين، ڪِھَڙِيءَ حاجَ حَمِيرَ، تُون ڏِٺي مُون ڀؤُ ٿِئو، سَونچو مَنجِهہ سَرِيرَ، مِيان مَنجِهہ مَلِيرَ، اَڳَ نَہ ڏِٺين…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو، پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ، پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو…[ سُر مارئي - وايون ]
- رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي عُمَرَ مِيان سُومَرا، آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا، عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان عُمَرَ، مُون مَ کَسيجاهُ، آئُون جَا نِماڻِي لَڪَنِ لوڏِي. ساڻُ پُلاهَ نَہ پاڙِيان، سَندي ڏورَنِ…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ سين، پَھِي پاکِي پَٽِڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي، ھِتي تان نَہ ھُئان، پيرُ…[ سُر مارئي - وايون ]