ڪِجَنِ بابت
معنيٰ
ڪَجَنِ، ڪري رھجن.
May do.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِيُون، ٻِيھَرَ وَڻِجارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِھَڙا پِرِين، لَڏِئِو لاڏُوڻا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيھَ وَڃَنِ، پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- گَوسَرِ ٿِئي مَ گُسَ، شَلَ پَڻِي پوءِ نَہ پِرِينءَ تي، جَنھِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تَنھِن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ، پُنهون…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڪاروُن جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا، موٽِي مَسَ اچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا، موٽِئو ڪيچِ وَڃَنِ، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھَ تي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، ھِيئَن نَہ مُناسِبُ ھوءِ، لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ، توڻي حُبَ نَہ ھوءِ،…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪِڙو، گَهڻا تان نَہ ڪِجَنِ، دِلِ ڏِجي کي ھيڪَڙي، ٻِئا سَھِسين مَرُ سِڪَنِ، اُوءِ چَلوِلا چَئِجَنِ، جي…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ، ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ، اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، اَڱَڻِ جي اَچَنِ، مُنھَن ۾ مَدِيُون تَنِ کي، ڏِسَڻَ سان نَہ ڏِجَنِ، اَوَڳُڻَ عَيبَ مُٺايُون، ڍَڪَڻُ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ نَہ وِجِهجَنِ پِڃِري، سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ، واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]