اوٺِيا بابت
معنيٰ
اُٺن سوارَ، اُٺن ھلائيندڙَ، جتَ.
Camel riders.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪا جَا ڳالِهہ ھُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾، سِرُ سَنگهَرِ پُرِ پَٽِيين، تُون جا لوڪَ سُئِي، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪا مُون مُڇيجاھُ، گهَڻِيُون گهُربِيان اوٺِيا، ھِي وَڻَ نَہ لَھَنداھُ ھُو وَڻَ اوڏاھِين گَهڻا.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو، اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا، ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،…[ سُر معذوري - وايون ]
- اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ڪَرَھا مَ ڪاھِيو، جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آھِيو، لاڳاپو لاھِيو، مَتان مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ، نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ، مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙھي اَڱُ، اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، چُئاڪا ڪِئو، مُون کي ڏَءُ ڏِئو، اَئِين ٿا وَڃو اوٺِيا.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڇِڪَ ٿِئي تِتِرُ لَنئي، مَٿان وَسي مِينھُن، صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَھو اوٺِيا.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]