اوچتو بابت
معنيٰ
بيخبريءَ ۾، اچانڪ، ناگھان، اتفاق سان. اُمالڪ، يڪدم.
Suddenly, unexpectedly, accidentally, by chance, fortuitous, fortuitously, sudden, unawares.
بيتن ۽ وائين ۾
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ، سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ، ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ، مَنجِهہ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي مَنجِهنِ، پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ، چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي، آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ، سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- اَڏِيندي اوڏَنِ، لَڏَڻَ جِي ڪا نَہ ڪِي، لاکو مَٿان تَنِ، اوچتو ئِي آيو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ، عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ، ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]