اوڏِيائي بابت
معنيٰ
اُتي، اوڏانھن، هوڏانھن، اُن هنڌ، هُتي.
There, there upon
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ، فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ، توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جيڏو تُنھِنجو نانءُ، ٻاجَهہ بِہ اوڏِيائي مَڱان، ريءَ ٿَڀِين ريءَ ٿُوڻِيين، ڇَپَرِ تُونھِين ڇانءَ، ڪُڄاڙو ڪَھان، توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، نَڪِي ڪِتُئِي ڪالَهہ، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ وَھين، مَحڪُمُ وَٽِيين نَہ مالَهہ، ڀورِي تو سين ڀالَ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سي تو وَھيءَ وِڃايام جٖي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينھَن، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن، تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ”مُون“ ”تُون“ ”آئُون“ ”اَسِين“، چارَئِي چِتان لاھِ، تَہ تو اوڏِيائي نَہ وَڃي، سَندِي دوزَخَ باھِ.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]