اَڇو بابت
معنيٰ
اڇي رنگ جو، سفيد، بگو. چِٽو، صاف، پاڪ. نِرمل.
While, white color, clear, clean.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين، تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ صِفَتان نُورُ، جِتي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَہ رُوپُ ھو.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- عاقِي ٿِيءُ اُسِتادَ سين، پُٺِيرو پِيران، ڪَنِ مَ ڪِجِ ڪاپَڙِي، جيڪِي چَويئِي ماءُ، تَہ راوَل مَٿي راھَ، اُجُرِي اَڇو ٿِيين.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گهارِئا بَندَ ۾، واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن، نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسِئو ٿِي ڏَران، هُتِ پوڃاڙِيءَ پَٽَنِ ۾، چانگارِينِ چَڙا، قادِرَ ڀَڃُ ڪَڙا، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ کي.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسئو ٿِي ڏَران، اَٿِمِ سِڪَ ساڻيھَ جِي، وَطَنِ شالَ وَران، جَي آئُون هِتِ مَران، تَہ نِجاھُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون مَرَڪان وِچِ مارُوئين، مُنھُن نَہ ميرو مُون، سِيلَ تُنھِنجي سُومَرا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]
- اَڇو آبُ لُڙُ ڪِئو، ڪالوڻِئو ڪَنگَنِ، اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- اَڇو پِئو اَڇاھُ، تَہ اَڇا ئِيءَ اُبَھو، وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ، سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھورِ، اُونُهون جو اَڇو وَھي، گِهڙِي تِئائِين گهورِ، ڏَنِيُون ھَڏِ مَ ڏورِ، گهورِئو گُپُ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]