اُپَڙِئا بابت
معنيٰ
مٿي ٿيا، کڄيا. اُسِريا. وڌيا ويجهيا، مٿي چڙهيا. پيدا ٿييا. اُڀريا، ظاھر ٿيا.
Grown up, increased, improved, got better.
بيتن ۽ وائين ۾
- لاڄُو ٿا لَمَنِ، اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنِ، ويٺِي واٽَ نِھارِئان.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ ڪَپَڙَ ڪوٽَ ، سامُونڊِي مُون گهوٽَ، سيڻَ سَلامَتَ آيا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ، جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پارِ لَنگهائِين پِھِيڙا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ، جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]