اِلاھِي بابت
معنيٰ
يا اَلله! اي خدا!
Of God, divine.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا، راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي، دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي تُھارَ، ڄَنگهَہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ، چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي، چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي، ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي، اِيءُ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- جَو تُون آھيين توکي مَڱان، آئُون ٻِئو دَرُ ڪونَہ سُڃاڻان، اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا، اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين…[ سُر سھڻي - وايون ]
- قَضِيو ڪَربَلا جو، مِڙيوئِي مَلارُ، ڳالِهہ سَڄِيائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاھِي اِسرارُ، مَولو ٿِئو مُختِيارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَھي.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري، عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا، چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي، سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،…[ سُر آسا - وايون ]
- باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ، ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ، مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ، ويڙِھ پَسان…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]