تاڻِين بابت
معنيٰ
تائين، تاڻن، رسن، پھچن
Up to, until, reach, try to reach
بيتن ۽ وائين ۾
- ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سين، تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- جَي ھُو تاڻِينِ تَندُ کي، تَہ تُون تَندُ مَ تاڻِ، اَڳي اِنَ اُھڃاڻِ سالِمُ تَندُ سَڄِي ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، سُتِيئَن راتِ سَڄِي، ھِتان ھوتاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي، ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن ساٿِ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڪِي جَو ڪيڏانھِين، اَکِيُون پَسِي آيُون، تاڻِينِ تيڏانھِين، پييُون پاڻَ مُھاڙِيُون.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]