جيلاھَ بابت
معنيٰ
جنھن صورت ۾، جيئن تہ، ڇو تہ، جيئن، جنھن کان. جنھن مان.
Because, in fact, its because
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا، مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا، جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا، جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا، اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا، جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان. ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ، جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، آن ڪي گَڏِئا سي، تَنَ ۾ طاقَتَ ناھِ ڪا، اَدا اُنِين ري، سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلاھَ…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ ٿِئا، راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا، جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا، پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا، جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ، چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ، ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، دُھِلَنِ دَمامَنِ نُقِرين، پَرِ ۾ پُڇياسِ، جيلاھَ ڍولي ڍيلِياسِ، تي ٿِيَسِ ڏُھاڳَڻِ ڏيھَ ۾.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- جَنِ وِڃايو وُجُودُ، سي فانِي ٿِئا فِي اللہِ ۾، نَہ قِيامُ نَہ قاعِدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ، جيلاھَ ٿِئا نابُودُ، تيلاھَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِين، جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ، کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]