جُهوپَڙا بابت
معنيٰ
جهوپڙيون، گهر، مڪان، ڪکاوان گهر.
Cottages, homes, houses, residences.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ، ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ، دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪِي اُنِهين ۾ آھي، ھُوءِ جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپَڙا، ڌارِيا ڀانئِينِ ڌارِيُون، پاڻَ پِرِينءَ سين کائي، اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا،…[ سُر آسا - وايون ]