جُوانُ بابت
معنيٰ
ٻاراڻي وَهِيءَ کان مٿي چڙهيل، نوعمر، نوجوان. ڳڀرو، لاسيار، لاسڙاٽ. بالغ، ساماڻل. مضبوط، نئون تازو، بھادر، دلير. سگهارو، پھلوان.
Young, young age, mature.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ جُوانُ، ڪاھِ تَہ لَنگهيئِي، ڪانُ، نانگَنِ ھَٿان نِينھَن جو.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏِٺو جُوانُ، سَندو قربَ ڪانُ، نانگي ھَنيُمِ نِينھَن جو.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾، مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ، خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]