زوراوَرُ بابت
معنيٰ
زور وارو، زبردست، دست دراز، جبراڻو، غضبناڪ. ڏاڍو سخت، بلڪل، مھاوت. ظالم، قھري، ڌوڌي، انڌيري، ستمگر، شوخ، گبر.
Forceful, vigourous, strong, powerful, vigorous, terrific, hard, matchless.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڏِ نَہ ساھُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري، پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ، جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- نَہ ڪي ڏَؤُنرا ڏيھَ ۾، سَرَتِيُون نَہ سِيرُ، ڪوٺِيين ڪُٺِي آھِيان، ٻِئو زوراوَرُ زَنجِيرُ، مارُو سارِئو مِيرُ، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]