سائِلُ بابت
معنيٰ
سوالي، پينارُ، عرضدار، فقير، اميدوار. پڇندڙ. درويش، ويراڳي.
Beggar, petitioner, applicant, questioner, interrogator.
بيتن ۽ وائين ۾
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ، ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، ٿو سائِلُ سِڪائي، مُنھَن تي موٽائي، مَٿو ھَنيُسِ مَڱڻي.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ، رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]