سوزُ بابت
معنيٰ
ساڙو، جلڻ، پڄر، درد، ڏُک، غم، زاري، گريو.
Grief, sorrow, woe.
بيتن ۽ وائين ۾
- داڳُ سِيني پَرِ غَم ڪا، ھَي ماتَمِ ڪا، يا حُسَينُ، جَهنڊا جو آيا خَبَرَ لي آيا، سوزُ ڪَرِيو شاھَ قاسِمِ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ، اِشارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتا سُڄَنِ، وَٽان ويھِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين، آءُ چَيائُون اَڄُ، ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئا، ”پاڻان“ چُوندَءِ ڀَڄُ، واڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]