سَبِيلَ بابت
معنيٰ
ڳَپلُ، وڌيڪ، جالُ، ٻَھُون، گائبو، سرس.
More, better, in handsome quantity. Enough.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن جاڳايو جَلِيلَ، سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ، وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ، دَرياھَ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ، وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ، پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ، داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ، ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي نِيلَ، سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو پُوڄُ پِياري پَھِيڙا،[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- وَرُ اُهائِي ويرَ، جِيئَن ڌَڻُ تَسي تَڙِ آيو، سَرَتِيُنِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِئو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍَيرَ، هِينئَڙي اُنَ جِي هيرَ، ٿو…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]