سَيِّدَ بابت
معنيٰ
سائين، انتھائي معتبر، محترم، لائق عزت، لائق احترام
The most respectable, The noble
بيتن ۽ وائين ۾
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين، سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ، غافِلُ ٿِي غُرابَ کي،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري، اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي، جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ، جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ، نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي، ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي، اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو، صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جھانَ، اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ، پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- آيو عَلِي شيرُ، مَرڪِئو مَدِيني ڌَڻِي، سُونھاري سَيِّدَ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ، شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوارا ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ، سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ، ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ، ماري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا، دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي، شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي، جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو، پَٻُ پارَسَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ چانئُٺِ ٻِي مَ چوڙ، ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ، اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، نِسورو نَرَڳُ، گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ، عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.[ سُر بلاول - وڳند ]
- ٻانڊو ٻيلِي نَہ ٿِئو، وَرِي اَڄُ وِئو، پيٽِرُ پَنڌِ پِئو، سُونھاري سَيِّدَ ڏي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا، طامِعِ آھِيان توھَ جي. اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ، ھِنَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ، راھَ رَمَندَڙِي روءِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ، چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ…[ سُر آسا - وايون ]