سَچَ بابت
معنيٰ
حق، برحق، سچ پچ، راستي، صداقت. صحيح، سَتُ
Truth
بيتن ۽ وائين ۾
- آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ، لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ، مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ، پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ، سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ، ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ، وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ وِھايو، بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو، تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جٖي نَہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي، وانءُ مَ تَنِي وَٽِ، اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري، پاڻا ھَڻَندا پَٽِ، مُھِرَ تَنِي کان مَٽِ،…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَنَنِ ۾ ڪَڙا، سَچَ ٻَڌائُون سَندِرا، جوڳِيَنِ جِيءَ جَڙِئا، پائي مُنھُن مَڙِهئان، ھَلو تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]