سُولُ بابت
معنيٰ
ساز، ميل، صلح. جوڙ، موافقت، ڳانڍاپو. سھڻي سِٽاء.
Concord, agreement, harmony, union.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا، مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا، جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو، اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو، آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ٿيِندِيَس ڪِيئَن قَبُولُ، ڪونِهي سُھَڳَ سُولُ، پُوچي مُنھَن پَنوَھارَ ري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو، جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي، ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]