سُچيتُ بابت
معنيٰ
خبردارُ، ھوشيار، دانشمند، آگاھ، ھوشائتو. ڏاھو. ڌيان ڏيندڙ. مُتوَجھ، ھڪ چتو، يڪمنُو. سجاڳ. تيزفھم.
Sensible, attentive. Careful, cautious, circumspect, alert.
بيتن ۽ وائين ۾
- دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي چيتُ، ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ، سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ، سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]