سِياڪو بابت
معنيٰ
مائٽي، سِياپو، ساھراڻي آڪھ، عزازت، ڀائِچارِي يا برادرِي. سڱُ، لاڳاپو.
Of or belonging to the family with which one is connected by marriage.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين، آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو، مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ نَہ سِياڪو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو، پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- جِيئَن تُون ڏَڏُ ٿِئو، تِيئَن لَنگِهي ٿِي لَڄَ مَري، سُڀان سِياڪو، صَحِي مِڙَندو مَڱڻا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]