طاماعُو بابت
معنيٰ
طَمَعَ رکندڙ، لالچي، طمعو، تاڪائو. اميدوار، سوالي.
Greedy, gluttonous, beggar, insatiates.
بيتن ۽ وائين ۾
- کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ موٽِئا، سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو، موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طاماعُو، سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جِتِ پَھَرَ نَہ پينائُو، اَوَسَرَ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَنھِن ڏيھَ ڍَيا ڏيئِي، لُڏِئا ٿي لِينگُنِ ۾، سالُنِ ۾ سيئِي، سَمي سَڀَيئِي. طاماعُو تارِ ڪِئا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جٖي ڏي وِلَهنِ ويلا، ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِ تازِي طَبيلا، سَمي سَويلا، طاماعُو تارِ ڪِئا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]