عَدَمُ بابت
معنيٰ
نہ ھُجڻ. معدوم. ناپيد، غير موجود، بي وجود. نابود، نيست، فنا، فاني.
Nonexistence, negation, nonentity, nothingness, void, life after death, non-possession, lack, want, state of being lost, loss (of), absence, paucity, deficiency.
بيتن ۽ وائين ۾
- جُزُ وِڃايو جوڳِيين، ڪُلَ سين آھِينِ ڪَمُ، آسَڻُ جَنِ عَدَمُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- عَدَمُ اوتارونِ، نااُميدِي نِجُهرو، رَضا راڄُ سَندونِ، ٻِئو مُوران مَڱَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ ٻانگَ، وِچان واري لانگَ، اُوءِ آڌُوتِي عَدَمُ ٿِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]