فِڪرَ بابت
معنيٰ
سوچ، ويچار، خيال، سانگو، غور، تامل، خوض، ڌيان. اوٽ، اونو، انتظار، اوسيڙو، انديشو، رنج، غم، ملال، ڏک.
thinking, rationalization, pondering, contemplation, anxiety, worry, apprehension
بيتن ۽ وائين ۾
- جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ، جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ، فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا، تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي، حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ، فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ، پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ ۾، توحِيدَ جِي تَنوارَ، وَحدہ لاشرِيک لَهُ، اِھيئِي آچارَ، مُون کي تَهِين يارَ، فِڪرَ ڦِريشانِئو.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي، ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي، بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي، فِڪرَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- فَييَئُون فِڪرَ فِراقَ ۾، آديسِي آھِينِ، سَڳا سيلِها گَبرِيُون، جوڳِي جَلائِينِ، إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ ، سَناسِي ساھِينِ، سَنگَتِ سَنوارِينِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ لاءِ، فِڪرَ سين ڦيراءِ تَہ ھَمَه کي حَقُ چُوئين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]