لَکين بابت
معنيٰ
ڪروڙين، ھزارين، سوين، ڪيترائي، اڻڳڻپ ۾، لاتعداد، بيشمار.
Thousands of thousands, millions, uncountables.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ڪانِهي راندِ، مَعشُوقَنِ مَھاندِ، لَکين لِيلائي مُئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- ڪَرَھا ڪَنگُوءَ ريٽَ ۾، لَکين سَئين چَرَنِ، تِئان ويسَريَنِ، ھَٿِ نَہ اَچي ھيڪِڙو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پَنُ، تِئان ڇاڻي ڇَڳيُون، مَيي رَتو مَنُ، تَنھِن وَلِ سَندو وَڻُ، ڪُوماڻو ڪوڙِ لَھي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پِڪَ، تِئان ڏيئِي تِڪَ، مَيو مَتارو ٿِئو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پاءُ، مَيو تَنھِن ماڳاءُ، ڏيھاڻِي ڏارَ چَري.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي تُھارَ، ڄَنگهَہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ، چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن جاڳايو جَلِيلَ، سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ، وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ، دَرياھَ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ، ھي جٖي آڏا حَقَ، ڪَندا ڪوھُ ڪَندِينِ کي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- لَکين لوڙائُو، سَھِسين آھِين سُڃَ ۾، بَرَ ۾ بُورائُو، کَڻُ پِيادِي پاڻَ سين.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا نَہ مَحلَنِ، ٻانِهيُنِ ۽ ٻائِنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِ، لَکين لاھُوتِيَنِ، اِھَڙِيُون اوري ڇَڏِيُون.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ، لَکين لوڊِي آيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ، ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ، ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ، جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- آئُون اُتاھُون آيو، جِتِ ڪَنھِن جِي ناھِ مَجالَ، مُومَلَ جي ماڙِيءَ کي، طَرَحين طَرَحين تالَ، لَکين مارايو لالَ، موٽِئو اَچان…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- آئُون ٻانِهي ٻايُون ٻِيُون، تَڙَ مِڙيئي تارِ، لَکين لڊُوڻي ڪَنڌِيين، نِينھَن نِهايُون نارِ، وَھِٽَ اِتاھِين وارِ، اَڳِئان گُجَرِ ٿِي گَزَ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- تَنِ کي جورا زَربَفتَ جا، پاڪِيزا پَھراڻَ، اُتاھِين عَنبِيرَ جا، اُڏَڻا اوڌاڻَ، آئِي ڇَٽَ ڇُگِيرَنِ کي، ڪُوماڻا ڪيڪانَ، مُومَلَ مَھمانَنِ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- تان تُون ويھُ سَنبَھِي، ساٿِي مِيان، پانڌِي مِيان، ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين، ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو آيو پَھِي پَرِئان ٿِي مِيان، حُڪُمُ…[ سُر راڻو - وايون ]
- لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ لوڙا، گهوڙا ڙي گهوڙا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا، سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا، راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ، ھوتاڻِيءَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ، چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ، ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، ٻِيُون سَڀَ سُگَلِيُون، اَگَلِي آئُون، صِدِقُ صَدائُون، ڪِھَڙِيُون ڪَرِيان تَنِ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا، مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ، آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ سين اُڌَمِئا، سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]