لَکَ بابت
معنيٰ
ڳڻپ جو ھڪ انگ، سو ھزارَ
Lacs, one hundreds thousands
بيتن ۽ وائين ۾
- ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون، جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ، جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ، پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ويھُ سي وِساري چَڍا جي چِلُڙَ جا، ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ، ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ، سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- جِتي لَهِرِنِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلُ پاڻَ ۾، اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، رَبَ تُنھِنجِي رَکَ، ڪُڄاڙو ڪَکَ، ڀَرُ جَهلِيندا ڀيڙِ جو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ، سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ، ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو، اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ، جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- لهوارا تان لَکَ، ھُونءَ تان ھُرِڀُ ھيڪِڙو، اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ، لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌنِ ڪَکَ،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو اُٿِيين، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ، لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون، اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري، وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي، پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ، ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين، آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو، مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڙي لَکَ لَڳَنِ، آڱُرِ آڱُوٺي نَہ مَڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِننِ، ويندي ڏُونھِن پِرِيَنِ، جُتِيءَ ذاتِ نَہ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ پَرَکُ، قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ ڏي، وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، جي ھُونَئِي ھوتَنِ لَکَ، تَہ پَڙِجِ ڪومَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏيھَ کي، ڪِبو ڪوھُ سَتِنِ، جٖي ڍَڪِئو ڍَڪِين پاڻَ کي.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ سِرُ سَڀَ ڪَنھِن، سَتِيُون سَڀَ مَرَنِ، جٖي وَرَنِ ساڻُ وِنگِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- لَکَڻَ جٖي لَنڊنِ جا، لوڪُ نَہ چَڱا چوءِ، پَرو تَنِ کان پوءِ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري لَکَ ھَزارَ، وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ، آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- جَبَلُ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي، توڻي لَڪَنِ لَکَ، تَہ سَڀَ لَنگَهندِيَسِ سِڪَ سين.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ، راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ، آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ، گهورِيا لَکَ لَطِيفُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ، پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ، داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- لافُون لَکَ ھَڻَنِ، سَھِڄِ پَئِي سيڻَنِ جي، ڏِسان ڪيرِ ڏِيَنِ، جوڙي جِيءُ پِرِيَنِ تان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناھِ ڪو، ھِڪُ اَکِيُون ٻِئا اَڱڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ، سي ڪِيئَن مَينڌَرا مَچَنِ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي لَکَ، پايو پِٽِينِ ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ، پيئِي اِيءَ پَرَکَ، تَہ سوڍِيُون سِجهائِي ھَلِئا.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- سَڀَنِي سَمُنَ ڪاڪِ جِي، راڻَنِ حَمِيرَنِ، ھُئان موٽِئو ڪو نَہ ڪو، ھِئان لَکَ وَڃَنِ، وِيندي ويچارَنِ، عُذُرُ اوڏاھِين نَہ ڪِئو.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- سَتين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڌاڳا ڌوئائُون، اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون، رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون، وَڏِيءَ ڪَنھِن…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ، اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ، سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ، پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ، جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي، اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي، پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو، ڏورِ مَ ڏِييان ڌارَ، ڪوڙيِين لَکَ ھَزارَ، اِنَ اُونداھِيءَ اَنڌا ڪِئا.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- مَٿي کان مَٿي، جوڳِيءَ ڏِنِي جُوءِ، اوڏو ٿِئو الَکَ کي، وَڃِي رُوبَروءِ، بابُو چَکِي بُوءِ، مَنجهان باغَ بَقاءَ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين، ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ، اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڪافَئُون ڪَري ڪُرِنِشُون ٻَڌِي اُڀِيا ٻانھُون، اُڀِي اَلَکَ سامُهُون، رَتو رُنائُون، سَناسِيَنِ سَيِّدُ چئَي، مِلِيُون مُدَعائُون، وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهنِ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، اَڳِئان لالُ لَکَنِ، جِتِ ڪوڙيِين ڪِينَ ڪُڇَنِ، تِتِ پاٻُھي پَڌِرو.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- جَو ڇَلِيُون پَسِي ڇَڪِئو، تَنھِن واکاڻِئو وِکَ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، لَکَنِ اَڳِئان لِکَ، پيرُ نَہ موڙي پانھِنجو، تَنگِيءَ پيئِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- ٻِئَنِ مِڙَنِي ڏِنِيُون، ڏي نَہ ڏُونگرُ راءُ، اَڻَ ڏِٺِيين آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏي ڪِئا، لوڙِيُون لَکَ مَٿان، اِنَ مَٿيري موٽايُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سُڀَرو، ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ، وِلِها جَنھِن وَنِھِئان ڪِئا، پاڳَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- لِيلان لَکَڻَ پانھِنجا، سارِجِ سَڀَيئِي، وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي، نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لَکَڻَ ڪِيمَ ڳَڻيجِ، جِيئَن مُورائِين ناھِ مُون، مُون کي مَلَهائِيجِ، وارو ڏيئِي وَلَها.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڪُونجَ نَہ پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِي سين ڍَڪِئو، ماريءَ ماري لَکَ، وَڳَرَ سَڀَ ويڇُون ڪِئا.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو، جَنھِن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ، جَنھِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سونچو نَہ لَھي.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لاکا لَکَ ھُئا، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو، آجا اوڏَ ٿِئا، پَليءِ لَڳِي جَنھِن جي.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لاکا لَکَ سُڄَنِ، آئُون واڏِڻِ اَگَلِي، پَلَئِہ لَڳِي جَنِ، اوڏَ پِہ آجا ٿِئا،[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ويٺِي ھِتِ وَڄايان، جِيئَن سَناسِيَنِ سَنکَ، مُھرُن سَندا مِھرِي، لاھَڻَندِي لَکَ، اُنَ اَسان کي آجِڪو، قِيمَتَ ڀانيُون ڪَکَ، سَندا ٻيڙِنِ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ لَکَ، پَسي مِيءَ ڪا ڪَکَ، مَتان ماڱُرِ مَٽِيين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾، عَيبَنِ لَکَ، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرَکَ، ڪارَڻِ رَب اَلَکَ، مَڇُڻِ ماڱَرِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- پَکِي پيھِي نِڱِئا، مَنجهان لِتَڙِنِ لَکَ، ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِي رَتا پَکَ، پُٺِيءَ لائي لَکَ، ھَلِئو ھَنجُ حَبِيبَ ڏي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]