مَحرُومَ بابت
معنيٰ
منع ڪيل، روڪيل، جهليل. حرام ڪيل. نراس، نااُميد، مايوس، خستا، شڪستا، ناڪام، نامراد، بي نصيب، بدبخت، اَڀاڳا، ڪمبخت، چنڊا، ندورا، ڪَرم هِيڻ، اَدورا، ڪمنصيب.
Forbidden, prohibited, debarred, excluded (from hope, or favour), frustrated, disappointed, repulsed, deprived of the support of life, deprived (of), plundered (of), unlucky, unfortunate, wretched, unable to earn anything, denied, or refused (a gift, or good, or prosperity).
بيتن ۽ وائين ۾
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِيئَن؟ جانِبَ مَنجهان جِيئَن، مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا، ماھِرَ ٿِي نَہ مُئا، چِڻِيءَ جِيئَن چُھِنجَ ھَڻِي، لَڏِئائُون لُئا، حُبابَ ئِي ھُئا، اِنَهِينءَ وادِيءَ وِچَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مُھاڻا مَحرُومَ، ٿِئا تَماچِي ڄامَ سين، نَنڍي وَڏي گَندَري، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ، ڪِينجُهرَ جَي رُومَ، تَہ مِريئِي اِنعامِي ٿِئا.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]