مَعشُوقَنِ بابت
معنيٰ
محبوبن، (جن تي عشق ٿئي) جن تي ڪو عاشق ٿئي، پريتمن. لالَڻن، ساجنن، پِرين، ڍولَڻن، دلبرن، پيارن، عزيزن، مَن موهَيندڙن، دلدارن، چِتچورن، دلرُبائن، جانين، صَنَمن.
Loved ones, mistresses, sweethearts. Those who are loved.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾، پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ، عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي، ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي، اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺي وِھِجِ دَرُ، پِرِين پُڇَندَءِ پاڻِهين، لَھَندين سَرُ سُڀَرُ، اُنِهين جو اَثَرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ، اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ، تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ، اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ، ڪَري…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ، پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ، سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ، مَتان ڪَڍين…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُکاڻُ، پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ، تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ڪانِهي راندِ، مَعشُوقَنِ مَھاندِ، لَکين لِيلائي مُئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- طالَبَ ڪَرِ توڏِي، جي تُون طالِبُ توڏِيءَ جو، عاشِقَنِ اوڏِي، مَعشُوقَنِ جي مَنَ ۾.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]