مُسلِمانُ بابت
معنيٰ
اسلام قبول ڪيل، مذهب اسلام جو پيرُو، دين احمد جو پيرُو، مومن، مسلم.
Muslim, follower of Islam.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ نَہ اِيمانُ، دَغا تُنھِنجي دِلِ ۾، شِرڪُ ۽ شيطانُ، مُنھَن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو، مُوران مُسلِمانُ، اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ، اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- وَجَھَ مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين، مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ، سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون…[ سُر آسا - وايون ]