مِلَنِ بابت
معنيٰ
ملي پون، حاصل ٿين، ميڙاڪي ۾ اچن، ھٿ ٿين.
Meet, have, gather.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويٺي وَرِ نَہ پُونِ، سُتي مِلَنِ نَہ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو نِينھَن جو، ڌاڙي ڪارَڻ ڌارِئا، بُغدِي بَلوچَنِ، مُئِي ماري ھَلِئا، ٻاجَهہ نَہ ٻاروچَنِ، اوٺِيَنِ اُٺَ…[ سُر ديسي - وايون ]
- وَڻَ جِيئَن وِرِھَ وَڌَنِ، شاخُون ڪِئو سَرِيرَ ۾، سَڄَڻَ مُون نَہ مِلَنِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، سَدا مَنجِهہ سَرِيرَ، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا، مارُو مَنجِهہ مَلِيرَ، ويٺِي پُوڄِئان پِيرَ، مانَ مِلَنِمِ ڪِڏِهِين.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]