مِيمُ بابت
معنيٰ
عربي الفابيٽ ۾ اکر ”م“جو اُچار. حضرت مُحمد صلي الله عليه وسلم جن جي نالي مبارڪ جو پھريون اکر.
Pronunciation of the letter "م" (M) in the Arabic alphabet. The first letter in the name of Hazrat Muhammad (may God bless him and grant him peace.)
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ جو، مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان، چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ، آھي مُسغَرَقُ، عالَمُ اِنَھِيءَ ڳالِهہ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]