مِھرَ بابت
معنيٰ
مھرباني، رحم، ڪھل، قِياس، ٻاجهہ، مرحمت، بخشش، مغفرت. احسان، ٿورو، وڙ. قرب، محبت، پيارُ.
Kindness, mercy, compassion. The desire or rut in a female camel or mare for the male.
بيتن ۽ وائين ۾
- حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو، سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون لُڙُ لِڱَنِ لائي، آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پائي، ميھارُ مَ لاھي، مِھرَ پَنھِنجي مالَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙِئا ميڙِ پِرِين، ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ. تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين، مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ، جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ، بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ، ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ، مُون تان…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- بَنديخانو بُڇڙو، ڪوٽَ ڪَشالو لاھِ، اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ، لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهہ هِينيين، لُطِفُ ٿِئو لَطِيفُ چئَي، مِھرَ ڪِي مِيين، ڏُکِيءَ کي ڏيِين، سَراهِيُون ساڻيھَ جُون.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]