نِسوروئي بابت
معنيٰ
پورو، مڪمل، سچو
Pure, unalloyed, mere, only.
نج، خالص، صاف، نرمل.
بيتن ۽ وائين ۾
- آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ، لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ، مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جيڏِيُون ڏِسو ڪيچُ، جو ڏيھُ ٻاروچَنِ جو، پُنهونءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئي نِينھَن جو.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڪَڪورِي ڪاڪِ وَھي راڻا ڀانءِ مَ رَتُ، سوڍا اِيءُ شَربَتُ، نِسوروئي نِينھَن جو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ، نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ، ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ، نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ، سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پُورِيءَ ٽِيھَن پِرِينءَ سين، ٿِئا مِڙيئِي مَوجُودُ، نِسوروئي نانھِن جو، سامِي ڪَنِ سُجُودُ، لاطَماعُنِ لاھُوتَ ۾، وِڃايو وُجُودُ، سِڪَ مَنجهان…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ، آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ، جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]