نِينھان بابت
معنيٰ
نِينھُن، ناتو، عشق، پريت.
Love.
بيتن ۽ وائين ۾
- مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئِي اَکَرِ ھيڪَڙي، جي تُون وَسَڻَ جا ويسَ ڪَرِين، تَہ ڪَڪَرَ ڪَنَ ڪِيھان، بادَلُ ٿِي بِيھان، جي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا، پَلَڪُ پَراھُون نَہ سَھِسين، جِيءَ جا جِيارا، نِينھان نِظارا، سَڃِ تَہ مان سُورُ لَھي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رائو رِڃُ رَھُون، جِتي نِينھان نِڪَڻِي، لَڳئو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِئو ٿِين ڇَھُون، تان ڪا سارَ لَھُون، ھوتَ ڪَمِيڻِيءَ سُپِرِين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]