ويندا بابت
معنيٰ
روانو ٿيندا، پڌاربا، لڏبا، ٽوربا. هلندا، اُسَھَندا،
Will go, left.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙِي، ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو، پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ، ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي سِڙَه ويندا گَڏِئا، اُڪَنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجا موٽِئا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا، مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا، سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا، ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري لَکَ ھَزارَ، وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ، آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- جَتَنُ ڪِجِ جَتَنِ جو، آيا ڪِ اِيندا، پُنهون تُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِي سي ويندا، دَمُ نَہ دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيھَ ڏي.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ھاڙِھي ويندا ھوتَ مُئِيءَ جا، آيَلِ جِيجَلِ آن ڪي ڏِنا، بَرَ ۾ بِرَھمَڻِ کي، ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏِيندا، موٽِي ھِنَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا، پَسان شالَ اَکِيُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ھاڙھي ويندا ھوتَ مُئيءَ جا، آيَلِ جِيجَلِ آن ڪي ڏِٺا، بَرَ ۾ بِرَھمَڻِ کي، ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏِيندا، موٽِي ھِنَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- اِيندا ويندا اَڙِئا، ڏيسارُو ھُئا، گاروڙِيَنِ گَسَ ڪِئا ڪاھِي ڪاڪِ وِچان، مُومَلَ کي توڙان، وِجِهي وِئا وِپَڙي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو، گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سَڀَيئِي سَھَنداسُون، وَٺِئو وينداسُون، مُنھُن پَنھِنجو پاڻَ سين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- تان ڪِي وَٽَنِ آءُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، لاھوتِيءَ ڪو لاءُ، فَنا ۽ فِراقَ جو، سامِيَنِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ، ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ لالَ، آن ڪي ڏِٺا ڪالَهہ، ويندا واٽَڙِيُنِ تان.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- جوڳِي ٿا جَرُ ھارِيَنِ، ويندا تِيرَٿَ گَنگا مَٿِرا، سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، پِرھَ پُڪارِينِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، مُون کي ٿِيُون مارِينِ،…[ سُر پورب - وايون ]
- سارِي عُمِرِ سُومَرا، اِيئن نَہ هُوندِياءِ، اِيندَءِ مَلڪَ اللهَ جا، وَٺِي هُتِ وينداءِ، ماڙِيُون مُقامَنِ ۾، اَڏَڻ نَہ ڏِينداءِ، ڍَڪِيندَءِ…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]