ويچارا بابت
معنيٰ
بي وسيلا، بي واھا، نڌڻڪا، بيڪس، بي پھچ لاچار، بد بخت نامراد وغيرہ
Helpless, unfortunate, forlorn.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سين، تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا، دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو، اُٿِئو ويڄا مَ وِھو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين، کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا، سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ، ڪُرَندا ڪِي پَرُوڙِئو، رَندِ نَہ سي رِڙَھنِ، ٻيئِي دارَ دَيُون ڪِئو، پيرَتِ تان…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا، ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُوحِ تان نَہ سُئا، ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ويھِي ويراڳِيَنِ جو، ٻِئي ڏِينھُن ٻُڌُمِ حالُ، اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زَوالُ، اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِئُون، چوٽا چَڱيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڇِنَلَ ڇَڄَ ھَٿَنِ ۾، ڪُلَهنِ ڪوڏارا، پورِھِيي ڪارَڻِ پيٽَ جي، اُٿِيَنِ سَوارا، اوڏَ پِہ ويچارا، لاکا وَڃَنِ لَڏِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ، وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- پَرَ جَهلَ پييَمِ راتِڙِي، ٻِي ٻاٻاڻِنَؤُن ڌارَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا، نائي نيڻنِ نار، ويچارا پَنوَهارَ، ڏٺِي مُون ڏِينھَن ٿِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- دَلبو مَنجِهہ دَرياھَ، پَکِي پَسِي آيا، ويچارا ويساھَ، آڻي اُتِ اَڙايا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- سَرَ اُھيئِي اَڳِئان، پَکِي پُونِ ٻِئا، جَنِ لَمِئو ٿي لاتِيُون ڏِنِيُون، سي ويچارا وِئا، ڪُوڙا ڪانيرا گَهڻا، ماڳو ماڳِ ٿِئا،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]