وَراڪا بابت
معنيٰ
وٽَ، ورَ، پيچَ، مروٽَ، مروڙَ، وڪڙ، آڪيڙا، مھٽ، ڦيرا، ولا، گهمتارا، چَڪرَ،گيڙا، ڦيراٽا، وراڻا. رستي جا ڏنگ يا وڪڙ، پيچرا.
Twists, turns, twistings, wind, windings.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرَ وَراڪا وَرَ، حُبَ جَنھِن کي ھوتَ جِي، سا ڏورِيندِي ڏُونگَرَ، پَھچائِيين پَرَوَرَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ، اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ، پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ، ھي جٖي آڏا حَقَ، ڪَندا ڪوھُ ڪَندِينِ کي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي، ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي، سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين، ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ، جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]