وِلَهنِ بابت
معنيٰ
مسڪينن، سُڃن، ڀينگين، بُکايلن. بيحالن يا بدحالن.
Poors, hungry, miserious, people who are needy.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهنِ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، اَڳِئان لالُ لَکَنِ، جِتِ ڪوڙيِين ڪِينَ ڪُڇَنِ، تِتِ پاٻُھي پَڌِرو.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جٖي ڏي وِلَهنِ ويلا، ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِ تازِي طَبيلا، سَمي سَويلا، طاماعُو تارِ ڪِئا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو وِلَهنِ وارِثُ، سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ، سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ، ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ، مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]