وِھَڻُ بابت
معنيٰ
هيٺ ويھڻ، رهڻ، ٿڪڻ.
To sit or take a seat, it implies the movement between any.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِھَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جَي سِکين تَہ سَگهو ٿِيين، اَڳِين عادَتَ مَٽِ، تَہ اَگها عاجِزُ نَہ ٿِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ ھيڪَڙي، وِھَڻُ واٽڙِيُنِ تي، گَهارَڻُ ضَرُورِي، ٻِنِهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏِني ري نَہ جُڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا، سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ، وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو، اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ، ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو چَکِيائِين، وِھَڻُ تَنھِن وِھُ ٿِئو، گهَرُ ٻارُ گهورِيائِين، الاللهَ آسَڻُ ڪَري، سَرِيرُ سوجِهيائِين، مَن عَرَفَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾، کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ، آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ تُنھِنجي پِرِينءَ جو، وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو، وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي، پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ، سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو جو پيچُ پِئومِ، ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، مِتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيمَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- جٖي ڏُونگَرَ مُون مَنجِهہ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري، وِھَڻُ مُون وِھُ ٿِئو، ڪيرَ سانڍيندِي سُکَ، ھُيَمِ ھوتَنِ…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ جو پَڳَھُ پِئومِ، ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ، وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ھُئِي ميئِنِ جِھَڙِي مي، خِدمَتَ کَڻِي کَرِي ڪِي، جَنِ وِھَڻُ نَہ ڏِنُسِ وَٽِ ۾، ٿِيُون سَلامِي سي، ڄامَ تَماچِيءَ کي،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- اَڇو پِئو اَڇاھُ، تَہ اَڇا ئِيءَ اُبَھو، وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ، سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]