ٻَھُون بابت
معنيٰ
وڏو انداز، گهڻو، جهجهو، جام.
Abundant, much.
بيتن ۽ وائين ۾
- اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي نَہ ٻُجَهنِ، ڪوھُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالِهڙِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ، سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ، وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ، سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪَرِ گهَڻِيون، ٻِلَهہ ٽِلَهہ ڪامَ ٿِئي، سَڀَ چالُون چَئُہ ٿَڻِيُون، ڪُونھُون ڄَڻي ڪامَ ڪا، سَڀَيئِي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ، سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ، ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- تو سين ٻولَ ٻَھُون، سَھِسين ساڄَنُ جي ڪَري، ڪَندِينءَ توءِ ڪَھُون، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون، اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون، ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون، ”لالَڻَ ڪونَہ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سَمُو سَوائِي، ٻَھُون ٻِئَنئان وِتَرو، دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي، ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- اَوڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ، ٻَھُون ٻاروتَڻَ ۾، ڪي ڪَبِيرَ ڪِئامِ، سيئِي سي سَرِئامِ، سُکَنِئُون سُورَ گَهڻا.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجَهہ جِي ڪِجِ مَ ڳولَ، ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ، جو ٻَھُون پاري…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]