ٻُورُ بابت
معنيٰ
ڪنھن بہ ٻُوٽي، ٻُوڙي، پوک جي سَلي، يا وڻ جِي مکڙين يا گلن جي ڳڀ کان اڳ واري ڦُلهار. ٻُورو، ٻُورِي.
The buds or blossoms of fruit trees, the young heads of grain, plants before the grain forms.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري، مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ، لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ، ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اوڳارِينِ نَہ اَنَراَ، ٻَڌا چَرَنِ نَہ ٻُورُ، ليڙَنِ کي لَطِيفُ چئَي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ، مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- تو جَي ھُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، مَٿي لامُنِ ٻُورُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]