پاڪَ بابت
معنيٰ
پوتر، صاف، سٿرو، اجريل
Pure, holy, sacred, undefiled.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڏو ڀاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو ڀيٽي موٽِيا، وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پاڪَ رَسُولَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، اَڌوتِي آھي، ڪُنڍِيُونۡ جَو ڪاھي، پاسي تَنھِين پاڪَ ٿِئي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ، نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ، ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئائِين، روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين، آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ، وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ، ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- پاڪَ جَنِي جا پيرَ، کَٽان ھيٺِ نَہ ھيرُئان، ٿَنڇَ تَرارِيُنِ تِڇِئا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ، ڌَڙَ تَنِي جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ، اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ، پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- گَوسَرِ ٿِئي مَ گُسَ، شَلَ پَڻِي پوءِ نَہ پِرِينءَ تي، جَنھِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تَنھِن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ، پُنهون…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- گهِنڊَنِ پاسي گهِنڊَ، گُذارِينِ گودَڙِئا، پَليتِيءَ کان پانھِنجا، پاڪَ رَکِئائُون پِنڊَ، نانگَنِ ڪِي نَہ نِنڊَ، رُوَندا وَھِئا رامَ ڏي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھَنئي ھاڪَ، ڀَڳا ڏيھَ ڀَيءِ پَئِي، سُڻِي ديمَنِ ڌاڪَ، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، جي ڪا وَسان…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ، وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ٿَرِ ڪِئائُون ٿاڪَ، سانگِي لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري مَذاقَ، جيڪُسِ پَروَرَ پاڪَ، اَمُرُ اِيءُ اَباڻَنِ سين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي پَکا سَندَنِ پاڪَ، ڪي ڏِينھَن هِتِ جيڏِيين، ٿي مَلِيرَ چُونڊِي ماڪَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]