پَڙي بابت
معنيٰ
برابر ٿئي، ھِڪجھڙي ٿئي، ثاني ٿئي، مَٽ ٿئي. ڀيچي ٿئي. ھموزن بڻجي. پُوري ٿي، ٺيڪ ان جيان ٿئي.
Like be, same like, as
بيتن ۽ وائين ۾
- اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ، سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ جو، مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان، چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَھِسين ڪَرِين سِينگارَ، پَلَڪَ پِريان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزارَ، جِھَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِھَڙِو دَمُ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪانڌَ ڪَلاڙين ڪَپَڙين، وَرَ وَناھِيو آءُ، جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ، جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڪَڙِھي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهونءَ جو، سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي، لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ٿَڙي تان ٿَڙا پَڙي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَوان، مَمُولَدُ ٿِئو مُون پِرِين، وَٺِي شالَ وَران، زَيدَنِ مُحِبَ مِڙان، ٿَڙِ بِيا ٿوڙِڪو…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان، گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان، ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- اِيندا ويندا اَڙِئا، ڏيسارُو ھُئا، گاروڙِيَنِ گَسَ ڪِئا ڪاھِي ڪاڪِ وِچان، مُومَلَ کي توڙان، وِجِهي وِئا وِپَڙي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اُجِهئو تَنِ نَہ ٻُجِهئو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ، لَٿو تَنِ لَطِيفُ چئَي، جُسي جو زَنجِيرُ، ڪِينَ ڏِٺو ڪاپَڙيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]