پَڳَ بابت
معنيٰ
پير، قدم
Feet, steps.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ، پاھان پَڳَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ، جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ، اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ، پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ، سَمُنڊَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، وِجِهي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ، سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- ايندين تان آءُ، ھَڻِي ھَٿُ پَڳَھَ ۾، لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙُه سانباھِي نَہ سَھي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا، اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري، ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وَڻِجارَنِ واري، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا، کيڙائُو کاري، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ، قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، ساڄا سِڙَه سباءِ، پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَ اولِيُون، لاڄُو سَڀَ…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا، پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ، آئُون…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ چوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ، آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون، ھَلَڻَ ھارا سُپِرِين، رُئان تان نَہ رَھَنِ، آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ، پَڳَھَ…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ، ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان ڇُوھي ڇِنائي، ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي، تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي، ھُوندَ نَہ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين، وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ، ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- سانڀارا سيئِي، تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مَنُ پِريان نيئِي پَڳَهِيو پاڻَ ڳَري.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- لَيا ڏِٺَمِ لارَ، سانڀارا ساھَڙَ جا، ھِنيُون ھِتِ نَہ وِندُري، ڌَراڙَنِئون ڌارَ، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ، پَڳَهِيو پاڻَ ڳَري.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ جو پَڳَھُ پِئومِ، ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ پائي پاڻَ سين، پَھَ پَرُوڙِئَمِ پَٿَ جا، مَنجهان ڪِينَرَ ڪي، ھاڻي جَي ھَيَئي، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جيڪي مُون کي تاڻ، پَڳَھَ پائي پاڻَ سين، ھُوءِ جٖي ھَيئِي ھاڻِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]