ٿَڌِي بابت
معنيٰ
سرد، خُنڪ. ٺريل. پاڻي ٺاريندڙ. ماٺيڻي، سانتيڪي. بردبار.
Cold, frigid, refrigerator, lazy, slow, indolent, dilatory, lax, dispassionate.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَتِيءَ ڪَري تاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَہ وِھي، وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ، پُڇي پَھَ پَکِيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرياڻَ،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جانۡ جِيئَين تانۡ جَلُ، ڪانِهي جاءِ جَلَڻَ ري، ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساھُ، بُتُ مُنھِنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاھُ، پَرَڏيھِياڻِيءَ کي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھُ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان ڪوھُ ڪِئو، مُون تان ڪِينَ ڪِئو، مُون ھَٿان مُنھِنجا ڌَڻِي، سَھِسين ٿِئا صَغِيرَ، پَکَي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - وايون ]