ڏيٺارِئا بابت
معنيٰ
ڏيٺ ويٺ وارا، واقفيت وارا، ملاقاتي. ڏٺا وائٺا، کليا کلايا، ظاهر ظھور.
Visitors, known, well known, publical.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائيءَ ھيٺِ، ٿِئا ڏيٺارِئا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا دُکائي دُورِ، ٿِئا ڏيٺارِئان ڏُورِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]