ڏيکارِينِ بابت
معنيٰ
درشن ۾ ڪرائين، ديدار ڪرائين، نظر ۾ آڻائين، ٻين کي پسائينِ.
Show, demonstrate.
بيتن ۽ وائين ۾
- آيَلِ اُنِ نَہ وِسَھان، ھَنجُون جٖي ھارِينِ، آڻِئو آبُ اَکِيُنِ مان، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ، سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سي نَہ رُونِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين، ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، اَنڌِيءَ سين آھِينِ، ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ، ڏِسِئو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڏوٿِي ڏَسُ ڏِينِ، آيَلِ ٻاروچَنِ جو، اُتي ڇَڏي ھَلِئا، جِتي مِرُون ٿا مارِينِ، اَچِئو ٿِيَنِ اوڏِڙا، ڏَمَرَ ڏيکارِينِ، وَڃان واٽَ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]