ڏَرُ بابت
معنيٰ
ڊِڄُ، ڊَپُ، ڀؤ، خوفُ، سَنڪوچُ، هَيبَت، هِراس، حِشِمت، تابُ. اُڊڪو، اَنديشو، خطرو.
Fear, danger.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي ڏُکُ مَ ڏَرُ، پَٽِي ڪَرِ مَ پانھِنجو، گهورِئو اَڏِ مَ گهَرُ، ماري ھَڏِ مَ مَرُ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، نَہ مُون ساڻُ سَمَرُ، سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ، جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ٻِيڙو پُوئِي بانھَن ۾، ٻِي نَہ ٻَڌي ڪا، توڏَرُ تَنھِن جُڳاءِ، سَمُو سِڪي جَنھِن کي.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]